دادوءَ ۾ صحافين تي حملي بعد مارجي ويل هٿياربند جي پوليس سان گڏ وڊيو وائرل، هٿيار، واڪِي ٽاڪِي ۽ موبائل به نظر آيا، دادو پوليس لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

دادوءَ ۾ صحافين تي حملي بعد مارجي ويل هٿياربند جي پوليس سان گڏ وڊيو وائرل، هٿيار، واڪِي ٽاڪِي ۽ موبائل به نظر آيا، دادو پوليس لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي
دادو (رپورٽ نديم شاھاڻي : ) دادو ۾ گذريل ڏينهن مارجي ويل هٿياربند محمد علي خاصخيلي جي پوليس اهلڪارن سان گڏ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن بعد پوليس جي شفافيت تي سوال اٿي بيٺا آهن. وائرل ويڊيو ۽ تصويرن ۾ محمد علي کي پوليس جي موبائيل، پوليس جي هٿيارن ۽ واڪِي ٽاڪِي سان گڏ صاف طور تي ڏسي سگهجي ٿو ياد رهي ته محمد علي خاصخيلي تي دادو شهر ۾ ٻن صحافين نياز چانڊيو، رفيق چنہ تي حملي جو الزام هو، ۽ هو گذريل ڏينهن حملي بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران مارجي ويو هو. وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ پوليس جي موبائيل ۽ وردي وارن اهلڪارن سان محمد علي خاصخيلي جي موجودگي، سندس هٿ ۾ واڪِي ٽاڪِي ۽ هٿيار هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. سوشل ميڊيا تي به ماڻهو سوال پڇي رهيا آهن ته آخر پوليس جو هٿيار، موبائيل ۽ واڪِي ٽاڪِي هن هٿياربند ڏوهاري وٽ ڪيئن پهتا؟ ڇا واقعي ملزم پوليس سان لاڳاپيل هو يا ڪنهن وڏي هٿ جي پٺڀرائي حاصل هئي دادو پوليس جي ترجمان موجب مارجي ويل هٿياربند محمد علي خاصخيلي جو دادو پوليس سان ڪو به واسطو نه آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وائرل ٿيل وڊيو ۾ جيڪا پوليس موبائيل نظر اچي رهي آهي، اها تعلقي سيوهڻ جي ٿاڻي ماھي اوٺو پوليس جي آهي، جيڪا ڪنهن اڳئين واقعي دوران استعمال ٿي هئي، ۽ ان وڊيو سان دادو جي واقعي جو ڪو سڌو واسطو نه آهي هوڏانهن صحافين تي حملي واري واقعي جي پڻ جاچ جاري آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي مڪمل جاچ بعد حقيقت عوام آڏو آندي ويندي ۽ جيڪڏهن پوليس جو ڪو اهلڪار ملوث نڪتو ته سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي واقعي بعد دادو سميت سڄي سنڌ ۾ ڳڻتي ۽ ڏڪاءُ جي لهر پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته صحافتي تنظيم سنڌ جرنلسٽس ڪائونل ۽ صحافي حلقن پاران به شفاف جاچ جي گهر ڪئي پئي وڃي