دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

دادوءَ ۾ ٻٽي قتل جو سنسني خيز انڪشاف، والد ئي پٽ ۽ نهن جو قاتل نڪتو، خودڪشي جو ناٽڪ بي نقاب

دادوءَ ۾ ٻٽي قتل جو سنسني خيز انڪشاف، والد ئي پٽ ۽ نهن جو قاتل نڪتو، خودڪشي جو ناٽڪ بي نقاب

دادو  دادو ضلعي جي ويجهي ڳوٺ لونگ چهواڻ ۾ ٻن قتل واري افسوسناڪ واردات، جيڪا ابتدائي طور خودڪشي ظاهر ڪئي وئي هئي، ان جو سنسني خيز انڪشاف ٿيو آهي. پوليس جي تحقيقات بعد معلوم ٿيو آهي ته مقتول نوجوان مظهر علي ۽ سندس زال خوشبوءَ کي ڪنهن ٻئي نه پر مظهر جي ئي والد عباس چهواڻ ذاتي رنجش تحت بي رحمي سان گوليون هڻي قتل ڪيو واردات بعد قاتل پيءُ طرفان واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر دادو پوليس جي ايس ايڇ او ٿاڻو جهلو الطاف سولنگي ۽ جاچ ٽيم جي پيشه ورانه صلاحيتن سبب حقيقت سامهون اچي وئي. پوليس ذريعن موجب مقتولن جي لاشن جي طبي معائني، جڳهه واردات جي جاچ ۽ ثبوتن جي آڌار تي واضع ٿي ويو ته اهو قتل هو، نه خودڪشي ايس ايڇ او الطاف سولنگي ٻڌايو ته پوليس عباس چهواڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ دوران قتل ۾ سهولتڪار جي حيثيت سان هڪ ٻي شخص کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي. واقعي بعد ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ ڏڪاءُ واري فضا ڇانيل آهي. رهواسين واقعي کي افسوسناڪ ۽ بي رحماڻو قرار ڏيندي قاتلن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مقتول مظهر جي عمر لڳ ڀڳ 20 سال ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته سندس زال خوشبو پڻ نوجوان هئي. دادو پوليس طرفان جاري ڪيل ابتدائي بيان موجب واقعي جي مڪمل جاچ هلندڙ آهي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button