سنڌ جون خبرونقومي خبرون
شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار.

شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار.
تفصيل موجب اڄ شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ جي والده جي لاڏاڻو ڪري وئي. جنهن جي صبح 8 بجي نماز جنازه انڙ ڳوٺ لڳ وزيرآباد ۾ ادا ڪئي وئي. ان موقعي تي شهر جي اعليٰ آفيسرن، جرنلسٽ جي عهديدارن ۽ صحافي دوستن پاران نمازه جنازه ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن لاڙڪاڻه ارشاد علي چانڊيو پاران ڏک جو اظهار ڪيو ۽ هن شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ ۽ سندس ڀائرن نظام الدين ۽ حسام الدين انڙ جن کي دعا گهري فاتح ڏني ۽ چيو ته الله تعاليٰ اوهان کي صبر و جميل ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ مرحومه جا درجات بلند فرمائي. ان موقعي تي شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ چيو ته تڏي جي دعا جو بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو