ڪنڌ ڪوٽ ۾ ميگھواڙ برادري جي نوجوانن پاران سنڌ ۾ جبري مذھب تبديل ڪرائڻ واري عمل جي خلاف گلشير محلا ماڙوائي پاڙي

ڪنڌ ڪوٽ ۾ ميگھواڙ برادري جي نوجوانن پاران سنڌ ۾ جبري مذھب تبديل ڪرائڻ واري عمل جي خلاف گلشير محلا ماڙوائي پاڙي کان ايشون ڪمار، وڪرم ڪمار، ڀڄڻ لال، ڪيلاش ڪمار، درپن ڪمار، سنديپ ڪمار ليلواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري پريس ڪلب پھتا جتي ھندو نياڻين کي تحفظ ڏيو جبري مذھب تبديل وارو عمل روڪيو وڃي پاڪستان ۾ رھندڙ اقليتي برادري کي تحفظ فراھم ڪيو جي زوردار نعريبازي ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينھن اڳ ھڪ استاد جنهن وٺ علم جي روشني وٺندڙ معصوم نياڻيون ۽ ٻار کي زوري مذھب تبديل ڪرايو ويو جنهن عمل سان سنڌ ۾ رھندڙ ھندو اقليتي برادري ۾ خوف پيدا ٿيو آهي شھدادپور واقعي تي انساني حقوق ۽ مذھبي رواداري جا اڳواڻ سامھون اچي ڪردار ادا ڪن اسان سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي ھندو خوف واري زندگي گذاري رھيا آيون جبري مذھب جي تبديلي روڪڻ لاءِ وفاقي سرڪار، سنڌ سرڪار ۽ حڪومت ۾ ويٺل اقليتي نمائندا ڪردار ادا ڪن اسان جو ھڪ ھي مطالبو آهي جبري مذھب تبديل ڪرائڻ عمل کي روڪي سنڌ ۾ رھندڙ اقليتي برادري کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي