دادو ميونسپل ڪاميٽي دادو پاران ٽيون ڀيرو بہ مال پڙي، ڪچي پڙي ۽ ايڊورٽائزمنٽ جا واڪ ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي

دادو ميونسپل ڪاميٽي دادو پاران ٽيون ڀيرو بہ مال پڙي، ڪچي پڙي ۽ ايڊورٽائزمنٽ جا واڪ ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي جڏھن تہ ميونسپل ڪاميٽي جي آمدني وڌائڻ بابت سالن کان مٿي ڄاڻايل ڪروڙين روپين جي آمدني جا وسيلا پڻ ڳجھ ڳوھ ۾ من پسند ماڻھن حوالي ڪرڻ جا اطلاع مليا آھن ان سلسلي ۾ 13 جون کان اڄ 27 جون تائين ٽيون ڀيرو رٿيل ميونسپل ڪميٽي جي ٺيڪن جا واڪ نہ ٿي سگھيا آھن جڏھن تہ گذريل 20 ڏينھن کان لکين روپين جون ڪال ڊپازٽو جمع ڪرائيندڙ ٺيڪيدار اڄ جڏھن ميونسپل ڪاميٽي دادو جي آفيس پھتا تہ چيئرمين سميت ذميوار آفيسرن مان ڪو بہ موجود نہ ھو ٻئي طرف ميونسپل ڪاميٽي جي اھڙي عمل خلاف واڪ جي آسري ۾ ويٺل ٺيڪيدارن پاران ٺيڪيدار امان الله ڀنڊ، خادم حيسن ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ دادو ميونسپل انتظاميہ ۽ ڪامورن پاران ڪرپشن ڪرڻ خاطر ڳجھ ڳوھ ۾ پنھنجي من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ جا اطلاع مليا آھن ۽ ميونسپل عملي پاران اڄ سڄو ڏينھن اسان کي آسري ۾ ويھاري پاڻ غائب ٿي ويا آھن، ھنن چيو تہ ڪال ڊپازٽ جمع ڪرائيندڙ ٺيڪيدار اڄ جڏھن ميونسپل ڪاميٽي پهتا تہ ڪو بہ ذميوار آفيسر موجود نہ ھو ۽ آفيس کي تالا لڳل ھئا ھنن سنڌ حڪومت، وزير بلديات، ڊي سي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ ڪرپشن خاطر پنھنجا نوازي خاطر دادو ميونسپل ڪاميٽي جي اھڙي ڳٺ جوڙ خلاف قدم کڻي ڄاڻايل ٺيڪن جي نئين تاريخ مقرر ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ميونسپل انتظاميہ پاران ڳجھ ڳوھ ۾ ڏنل غير قانوني ٺيڪن خلاف احتجاج سان گڏ اعليٰ عدالتن جو در کڙڪايو ويندو،