سنڌ جون خبرونقومي خبرون
تنگواڻي ۾ يوم شھادت سيدنا حضرت عمر فاروق رضه جي مناسبت سان پوري ملڪ جيان سني رابطا ڪائونسل تنگواڻي پاران ريلي ڪڍي وئي

تنگواڻي ۾ يوم شھادت سيدنا حضرت عمر فاروق رضه جي مناسبت سان پوري ملڪ جيان سني رابطا ڪائونسل تنگواڻي پاران ريلي ڪڍي وئي ۔ ريلي جي اڳواڻي مولانا شاه مور حيدري، محمد قاسم فاروقي شھزادو محمد وسيم مولانا زاھد حسين عبدالرحيم بکراڻي ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔
ريلي گجراڻي ھوٽل کان وين اسٽاپ تي پھتي ۔ جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ ان هستي جو يوم شھادت آهي، جيڪو اسلام جو ٻيون خليفو ھو. سندس جي اچڻ سان اسلام هڪ قوت پيدا ٿي۔ پاڻ پنھنجي دوري خلافت ۾ تمام وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا ۔ پاڻ پنھنجي دوري خلافت ۾ مديني جي گلين ۾ رات جي وقت گشت ڪندا هئا ۔
اڳواڻن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ته ٻين عام موڪلن وانگر هن ڏهاڙي تي عام موڪل ڪري سرڪاري سطح تي ملھايو وڃي