سنڌ جون خبرونقومي خبرون

سڪرنڊ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ جي انتظاميہ پاران شاگردن خلاف مسلسل انتقامي ڪارروائيون

سڪرنڊ
شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ جي انتظاميہ پاران شاگردن خلاف مسلسل انتقامي ڪارروائيون ڪرڻ خلاف شاگرد اتحاد سبو يونيورسٽي جو سڪرنڊ پريس ڪلب اڳيان احتجاج. انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي شاگرد اتحاد جي اڳواڻن شيراز شاھ، امير گدارو، شاهد پاهي، اختيار ڪيريو، تعمور کيڙو ۽ ٻين گڏيل موقف ڏيندي چيو ته سبو يونيورسٽيءَ جي انتظاميا شاگردن خلاف مسلسل انتقامي ڪاررواين سان گڏ جائز حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 21 شاگردياڻين جي ھاسٽل الاٽمينٽ ڪينسل ڪري 5 شاگردياڻين جي داخلا رد ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته سبو انتظاميا شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل تباه ڪري آهي ۽ ان عمل کي انتقام سمجهون ٿا. هنن چيو ته انتظاميا پنهنجا فيصلا واپس وٺي، ٻي صورت ۾ شاگرد اتحاد پاران ضلعي شهيد بينظير آباد جي مختلف شھرن ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button