عمرڪوٽ محرم الحرام جي حوالي سان اسٽنٽ ڪمشنر آفيس پٿورو ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو

عمرڪوٽ محرم الحرام جي حوالي سان اسٽنٽ ڪمشنر آفيس پٿورو ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو۔تفصيل موجب
اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو/ پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو جي زير صدارت پٿورو ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو اجلاس ۾ پٿورو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين آصف حسين ڇورو وائس چيئرمين وڪرم ڪمار جسواڻي ٽائون آفيسر سيد شمشير شاهه، اڪائونٽنٽ گلزار علي سومرو، سيد ذوالفقار شاهه لڪياري، مولانا محمد رمضان عطاري، محمد عمران لاشاري، صحافين غلام قادر آريسر، جلال شر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سنجي ڪمار اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته محرم الحرام اسان کي صبر امن ۽ اتحاد جو درس ڏي ٿو ھن چيو ته معاشري ۾ مذھبي ھم آھنگي ۽ ڀائي چاري کي برقرار رکيو وڃي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڳپل آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته محرم الحرام دوران امن و امان جي صورتحال برقرار رکڻ، ماتمي جلوسن جي گزر گاھن تي روشني جو انتظام، مجلسن دوران بجلي جي فراھمي بحال رکڻ ۽ صفائي سٿرائي رستا ڪليئر ڪيا وڃن