سنڌ جون خبرونقومي خبرون

دادو: عمر رسيده عورت جي پريس ڪلب ۾ دانهن پٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ، جائداد تي قبضي جا الزام

دادو: عمر رسيده عورت جي پريس ڪلب ۾ دانهن پٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ، جائداد تي قبضي جا الزام

دادو  جي مرکپور پاڙي جي رهواسڻ پيرسن بيگم زال ڪرڙ ڀرڳڙي دادو پريس ڪلب پهچي دانهن ڏيندي چيو آهي ته سندس پٽن ۽ نياڻي کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي، کيس ڌار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بااثر ماڻهن سندس زمينن تي به قبضو ڪري ڇڏيو آهي پيرسن عورت ميڊيا اڳيان روئندي ٻڌايو ته سندس پٽ زيدالله چنيسر، نياڻو ميانداد، ۽ پوٽو مبارڪ گذريل 13 ورهين کان جيل جي عذابن کي ڀوڳي رهيا آهن. هن چيو ته جيلن ۾ پيڙهجي پيڙهجي سندس پيارا جوان نوجواني وڃائي ويٺا آهن پيرسن جو چوڻ هو ته شروعات ۾ قيدين کي حيدرآباد جيل ۾ رکيو ويو، بعد ۾ ڪجھ کي ميرپورخاص يان خيرپورميرس منتقل ڪيو ويو آهي بي پهچ لاچار آهيان خبر به نه آهي ڪهڙو پٽ ڪٿي آ، پيرسن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته سندن پٽن کي دادو جيل منتقل ڪيو وڃي ته جيئن هوءَ عمر رسيده هجڻ باوجود آسانيءَ سان ملاقات ڪري سگهي هن وڌيڪ الزام لڳايو ته سندس ڳوٺ پٽ گل محمد ويجهو آهي جتي پاڻي جي واري تي ٿيل جهيڙي کانپوءِ بااثر ماڻهن سازش تحت سندس پٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو، ۽ سندن سموري ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو. مان مزدوري ڪري پيٽ پالي رهي آهيان، پر هاڻ عمر جي آخري مرحلي ۾ ڪم ڪرڻ کان لاچار ٿيندي پئي وڃان، پيرسن بيگم چيو ته وس وارن، انساني حقن جي ادارن، ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي، کيس انصاف ڏياريو وڃي ۽ سندس قيدين کي دادو جيل منتقل ڪيو وڃي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button