سنڌ جون خبرون

جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع شڪارپور طرفان احتجاجي ريلي جماڻي هال کان شڪارپور پريس ڪلب تائين مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي جي سڏ تي ڪڌي وئي

جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع شڪارپور طرفان احتجاجي ريلي جماڻي هال کان شڪارپور پريس ڪلب تائين مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي جي سڏ تي ڪڌي وئي، قومي ڪارڪن فيصل مستوئي عزيز ڀهنگوار ۽ ٻين قوم پرست سياسي ڪارڪنن جي بلاجواز گرفتاري خلاف پريس ڪلب جي گيٽ تي سميع بلالي، شڪيل جهلڻ،اسلام لهر، طالب ديشي، همٿ ڪانڌڙو،لالا رفيق ڀٽو،سميع دايو،جاني مظهر حاجاڻو،شاه ويز حاجاڻو،نورمصطفي، عاشق کوسو ۽ ٻين جو پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ۾ شڪارپور ضلعي جي مختلف علائقن مان جسقم ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ همدردن وڏي انگ ۾ پريس ڪلب شڪارپور ۾ مظاهرو ڪيو ويو ، جتي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رياستي جبر ۽ سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف نعرا هنيا.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته: "قومي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين جيلن ۾ واڙڻ سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجهد کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. فيصل مستوئي ۽ ٻين ڪارڪنن جي گرفتاري ڪنهن به قانوني ۽ انساني اصولن جي خلاف آهي.”
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور بي ڏوهي قرار ڏئي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو وڌايو ويند

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button