ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ امن امان جي صورتحال هڪ دفعو ٻيهر ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي

ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ امن امان جي صورتحال هڪ دفعو ٻيهر ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي، جتي ڳوٺ الله رکيو قاضي ڪلوڙ تي هٿياربند ڏوهارين گذريل رات ڪاھ ڪري 15 سالن جي نينگر وارث علي ولد جمعو خان ڪلوڙ کي اغوا ڪري ويا.
اغوا ٿيل نينگر جي والد جمعو خان ڪلوڙ جو چوڻ آهي:
> "رات جو لڳ ڀڳ ٻارهين وڳي گهر تي حملو ٿيو، فائرنگ ٿي، عورتن کي ماريو ويو، پٽ کي زبردستي کڻي ويا – پوليس اسان جي نينگر کي بازياب ڪرائي ڏي
ياد رهي ته رڳو هڪ ڏينهن اڳ ڪشمور مان نائچ برادريءَ جو اغوا ٿيل نينگر بازياب ٿيو هو، جنهن کي پوليس پنهنجي "ڪاميابي” طور پيش ڪري رهي هئي. پر نئون واقعو ثابت ڪري ٿو ته پوليس رڳو بازيابي کانپوءِ تصويرون ٺهرائڻ تائين محدود آهي، پر روڪٿام ۾ مڪمل طور ناڪام آهي.
علائقي واسي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ء سندن والدين سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته:
نينگر وارث علي جي فوري بازيابي يقيني بڻائي وڃي