ڪشمور ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ سب ڊويزن ڪشمور ۾ قائم پوليس پڪٽن جو تفصيلي دورو

ڪشمور ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ سب ڊويزن ڪشمور ۾ قائم پوليس پڪٽن جو تفصيلي دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. دوري دوران انهن سان گڏ اي ايس پي ڪشمور محمد عاشر، ايس ايچ او ڪشمور غلام عباس سندراڻي ۽ ايس ايچ او گڊو اعجاز کوسو پڻ موجود هئا، ايس ايس پي ڪشمور خاص طور تي بي ايس فيڊر تي قائم چيڪ پوسٽن جو معائنو ڪيو، جتي نئين تعمير ٿيندڙ "بيڙي پڪٽ” جو باقاعده سنگ بنياد به رکيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته اها پڪٽ علائقي ۾ امن امان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم قدم آهي، ايس ايس پي پڪٽن تي مقرر اهلڪارن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، انهن جي ڪارڪردگي جو مشاهدو ڪندي سندن جذبي جي واکاڻ ڪئي. هنن پوليس جوانن کي هدايت ڪئي ته هو ايمانداري، جاڳرتا ۽ فرض شناسي سان پنهنجي ڊيوٽي انجام ڏيندا رهن، ايس ايس پي پڪٽن تي موجود سهولتن جو به جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي بهترين قدمن لاءِ فوري هدايتون جاري ڪيون، هن وڌيڪ چيو ته، "پوليس جا جوان جيڪو جذبو ۽ قرباني ڏئي علائقي ۾ امن قائم رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اُهو ساراهه جوڳو آهي. پوليس فورس جي حوصلا افزائي جاري رهندي ته جيئن سندن حوصلو بلند رهي ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪري سگهجي