ڪشمور لڳ ڳوٺ قاصي ڪلوڙ لڳ نينگر وارث علي ڪلوڙ کي اغوا واري واقعي دوران مزاري برادري ھڪ عورت جي زخمي ٿي ھئي عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي آهي

ڪشمور لڳ ڳوٺ قاصي ڪلوڙ لڳ نينگر وارث علي ڪلوڙ کي اغوا واري واقعي دوران مزاري برادري ھڪ عورت جي زخمي ٿي ھئي عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي آهي
ڪشمور ٿاڻي جي حد ٻه ڏينهن پھريان رات دير سان ڳوٺ الله رکيو ڪلوڙ ۾ ڏوھارين حملو ڪري نينگر وارث علي ڪلوڙ کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا انھي رات واري واقعي دوران فائرنگ ۾ ھڪ عورت پڻ زخمي ٿي ھئي جنهن کي رحيم يار خان اعلاج کي موڪليو ويو ھو 35 ورهين عورت سماڻي جورکاڻي مزاري زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو فوتي عورت جو تعلق جورڪاڻي مزاري برادري سان هو ياد رهي ته ٻن ڏينهن اڳ هٿياربند ڏوهارين ڳوٺ قاضي ڪلوڙ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري نينگر کي اغوا ڪري ويا 12 سالن جي نينگر وارث علي قاضي کي اغوا ڪري ويا هئا. فائرنگ جي نتيجي ۾ سماڻي مزاري نالي عورت سخت زخمي ٿي پئي هئي، جنهن کي تشويشناڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو اڄ زخمن جا سور نه سهندي مائي لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن بعد وارثن ۽ علائقي واسين ۾ غم ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل نينگر جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي جاچ هلندڙ آهي ياد رھي ته اڄ ڪشمور قاضي ڳوٺ مان اغوا ٿيل 12 سالن جي نينگر وارث علي قاضي جي بازيابي لاءِ سندس وارث ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ڀوري ڪوش وٽ قرآن پاڪ کڻي نياڻيون ساڻ ڪري پهچي ويا آهن متاثر خاندان ڏوهارين کان اپيل ڪئي ته قرآن پاڪ جي صدقي منهنجي نينگر کي آزاد ڪيو وڃي نينگر جي امڙ، ڀينرن ۽ ٻين عورتن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، جن جو چوڻ هو ته اسان غريب آهيون، اسان وٽ ڪجهه به ناهي، صرف قرآن پاڪ جي واسطي تي وس وارن کان اپيل ٿا ڪريون ته وارث علي کي بازياب ڪرايو وڃي