ڪشمور لڳ پراڻي دشمني تان پيرسن قتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن حسين بخش جورڪاڻي مزاري گولين جو کاڄ بڻجي ويو

ڪشمور لڳ پراڻي دشمني تان پيرسن قتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن حسين بخش جورڪاڻي مزاري گولين جو کاڄ بڻجي ويو
ڪشمور ٿاڻي جي حد چاچڙ پل لڳ ڳوٺ محبت مزاري جي رھواسي پيرسن حسين بخش جورکاڻي مزاري جيڪو پنهنجن ٻارن سان گڏ ڪشمور کان پنهنجي ڳوٺ طرف وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن حملو ڪري کيس گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو ڳوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ان موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو قتل ٿيل پيرسن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن مزاري کڙد پاڙي جي ماڻهن اسان جو ماڻهون قتل ڪيو آهي جڏهن انھن سان گڏ ٻه عورتون ۽ ننڍڙا ٻار گڏ ھئا انهن کي موٽر سائيڪل تان ھلائي معصوم ٻارن جي اڳيان انھن قتل ڪيو آ جيڪو ناقابلي برادشت عمل آهي ھڪ سال پھرين کڙد مزاري پاڙي جو ماڻهون جيڪي ٻڪري چوري ڪندي پڪڙجي پيو ھو جنهن ۾ تي انھن جو نوجوان مارجي ويو ھو انھي پراڻي دشمني ۾ انھن پلاند ۾ اسان جي پيرسن کي انهن قتل ڪيو آ مقتول جي لاش کي ڪشمور سول اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي باد لاش وارثن پنهنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي آيا اھڙن اطلاع ملڻ تي گھر اندار ڪھرام مچي ويو واقعي کان پوء علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته اسين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي قاتلن کي معاف ڪونه ڪنداسين انهن کي جلدز جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھري ۾ آندو ويندو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو