سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ٺٽو  سنڌ جي سيڪريٽري زراعت سھيل احمد قريشي مڪلي ۾ واقع زرعي انجنيئرنگ ورڪشاپ جي آفيس تي اوچتو ڇاپو هنيو

ٺٽو
سنڌ جي سيڪريٽري زراعت سھيل احمد قريشي مڪلي ۾ واقع زرعي انجنيئرنگ ورڪشاپ جي آفيس تي اوچتو ڇاپو هنيو، جتي بي انتظامي ۽ غير حاضري جون سنگين حقيقتون سامهون آيون. ڇاپي دوران انجنيئر، ڊپٽي ڊائريڪٽر، اڪائونٽنٽ ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر سميت اهم آفيسر آفيس ۾ موجود نه هئا، جڏهن ته رڳو چند چپراسي ۽ چوڪيدار موجود هئا. اڪثر مرڪزي آفيسن تي تالا لڳل هئا.موقع تي موجود هيٺين درجي جي ملازمن سيڪريٽري زراعت کي ٻڌايو ته آفيسر گهڻو ڪري آفيس اچن ئي نٿا، صرف مهيني جا جعلي بل ٺاهڻ ۽ پگهار وٺڻ لاءِ حاضري لڳائين ٿا.
هن صورتحال تي سيڪريٽري زراعت سخت ناراض ٿي پيا. بعد ۾ جڏهن هنن ورڪشاپ جي اسٽور جو جائزو ورتو، ته انڪشاف ٿيو ته اسٽور لڳ ڀڳ خالي آهي – مشينري ۽ ٻيو سامان غائب هو، جنهن بابت شڪ ظاهر ڪيو ويو ته شايد اهو وڪرو ڪري هڙپ ڪيو ويو آهي.سيڪريٽري زراعت سھيل احمد قريشي موقعي تي سخت ڪارروائي ڪندي انجنيئر پرويز شيخ، هيڊ ڪلارڪ غلام رسول شيدي ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر مٺو ديوان کي فوري طور معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
ذريعن موجب دوري جو عمل اڃا جاري آهي ۽ وڌيڪ ڪارروائيون به امڪاني آهن.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button