دادو: محستب اعليٰ ريجنل جو جيل، خزاني آفيس ۽ اسڪول جو دورو، جيل ۾ سهولتن ۾ بهتري

دادو: محستب اعليٰ ريجنل جو جيل، خزاني آفيس ۽ اسڪول جو دورو، جيل ۾ سهولتن ۾ بهتري
دادو محستب اعليٰ ريجنل دادو سيد امداد علي شاهه، صوبائي محستب اعليٰ سنڌ جي هدايت تي دادو جيل جو دورو ڪيو. دوري دوران هن جيل ۾ انتظامن کي بهتر قرار ڏيندي چيو ته پهرين سرپرائيز وزٽ ۾ جيڪي خاميون ڏٺيون ويون هيون، انهن تي جيل انتظاميه سٺو ڪم ڪيو آهي. هن قيدين سان پڻ ملاقات ڪري سندن مسئلا ۽ سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. محستب اعليٰ ريجنل ٻڌايو ته جيل ۾ مختلف ترقياتي ڪم سٺي نموني جاري آهن. دوري دوران سندس ساڻ بيريسٽر ايڊووڪيٽ سمع الله جويو، آفيس سپرنٽنڊنٽ آفيس محستب اعليٰ دادو پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ جيل سپرنٽنڊنٽ دادو جاويد ايوب مغيري، محستب اعليٰ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت جيل ۾ 360 قيدي بيرڪن ۾ محفوظ آهن، جن جي خوراڪ، پيئڻ جي پاڻي، علاج، ملاقات ۽ سيڪيورٽي لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. جيل ۾ جديد ٽيڪنالاجي تحت سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن، جن وسيلي جيل جي اندروني ۽ ٻاهرين حالتن تي نگراني رکي پئي وڃي. محستب اعليٰ ريجنل دادو بعد ۾ دادو خزاني آفيس ۽ دادو ڀرسان ڳوٺ فتح محمد ڪابورو ۾ قائم اسڪول يوسف ڪابورو جو به دورو ڪيو ۽ هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو