ڪنڌ ڪوٽ شھر ۾ بدامني تي ٻنجو نه اچي سگهيو گلشير محلي ۾ غني ملڪ جي دوڪان مان ڏينهن ڏٺي جو ھٿياربندن جي ڦرلٽ ھزارين روپيا ڦر ڪري

ڪنڌ ڪوٽ شھر ۾ بدامني تي ٻنجو نه اچي سگهيو گلشير محلي ۾ غني ملڪ جي دوڪان مان ڏينهن ڏٺي جو ھٿياربندن جي ڦرلٽ ھزارين روپيا ڦر ڪري خوف ۽ حراس پکڙڻ لاء فائرنگ پڻ ڪئي متاثر اي سيڪشن ٿاڻي تي پھتو پوليس داد فرياد وٺڻ بدران ٿاڻي مان ھي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو متاثر ٿاڻي تي پوليس جي نااھلي خلاف دانھون ڪوڪون ڪندي چيو ته سرعام ڏوھاري دوڪان ۾ اچي ڏيڍ لک روپيا ڦر ڪري سڌا فائر ڪيا آهن پر پوليس مڪمل ناڪام ٿيل آهي پوليس داد فرياد وٺڻ لاء به تيار نه آهي ابتو بدمستي ڪري ٿاڻي مان به ٻاھر ڪڍي ڇڏيو آهي روز روز گلشير پاڙي مان ڦرلٽ واقعن تي پاڙي جي معزز ميونسيپل ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين شير محمد خان سھرياڻي ويڊيو بيان ۾ چيو ته پوليس مڪمل بي بس آهي اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او پاڻ دھشتگرد آهي جيڪو امن امان ڪرڻ بدران شريف شھرين کي تنگ ڪري رھيو آهي جيڪو حد ۾ امن امان نه ٿو ڪري سگهي فوري ھن کي ھٽايو وڃي گلشير پاڙي ۾ سڀ مسڪين ۽ پورھيت رھن ٿا جن کان روز روز ڦرلٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسي ايس ايس پي زبير نظير شيخ فوري نوٽيس وٺي گلشير پاڙي مان ٿيل ڦرلٽ واپس ڪرائي پوليس اھلڪار مقرر ڪري عوام جي جان مال جو تحفظ ڪيو وڃي