ڪشمور: ملازمن سان ناانصافي بند ڪئي وڃي، آپڪا اڳواڻن جو مطالبو

ڪشمور:
ملازمن سان ناانصافي بند ڪئي وڃي، آپڪا اڳواڻن جو مطالبو
آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن (آپڪا) جي مرڪزي چيئرمين عطاءُ ﷲ ڪنڀر چيو آهي ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ سرڪاري ملازمن سان ٻٽو معيار اختيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو برداشت نه ٿيندو. هن ڪشمور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ ملازمن مٿان ڪراچي ۽ ڪوئٽه ۾ تشدد ڪيو ويو، ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، جن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ان موقعي تي مختيار احمد ڪلوڙ، اصغر علي سومرو، سخاوت علي مهر، خالد محمود چنا ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. اڳواڻن چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ چار ئي صوبن جي حڪومتن کي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ پگهار ۾ واڌ، گروپ انشورنس، اپگريڊيشن، ٽائيم اسڪيل ۽ ٻين مطالبن جي منظوري شامل آهي، پر بدقسمتي سان اڃا تائين سنڌ حڪومت انهن مطالبن تي عمل ناهي ڪيو، اڳواڻن چيو ته پنجاب ۽ ٻين صوبن جي ملازمن کي پگهارن ۾ واڌ ۽ رعايتون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ جا ملازم ناانصافي جو شڪار آهن. سندن چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ ملازمن جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کنيا ويا هئا، پر اڄ جي پيپلزپارٽي جي قيادت، خاص ڪري بلاول ڀٽو زرداري، ملازمن کي ڪو به ريليف نه ڏياري سگهيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کي بجٽ ۾ پگهار 50 سيڪڙو واڌ جي سفارش ته ڪئي، پر پاڻ صرف 12 سيڪڙو واڌ ڪئي، جيڪا سنڌ جي ملازمن سان ظلم آهي. مطالبو ڪيو ويو ته وفاق جيان سنڌ حڪومت به ڊسپرٽي الائونس، گروپ انشورنس، اپگريڊيشن، ٽائيم اسڪيل ۽ 50 سيڪڙو پگهار واڌ لاڳو ڪري، ته جيئن ملازمن کي حقيقي ريليف ملي سگهي.