ڪشمور اغوا ٿيل وارث ڪلوڙ ٽئين ڏينهن به پوليس مغوي نوجوان وارث ڪلوڙ کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي،

ڪشمور اغوا ٿيل وارث ڪلوڙ ٽئين ڏينهن به پوليس مغوي نوجوان وارث ڪلوڙ کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن خلاف ڳوٺ قاضي ڪلوڙ جي رهواسين ۽ مغوي جي وارثن پاران قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو، جنهن سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کي ڳنڍيندڙ مرڪزي شاهراهه تي ٽرئفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي.
ان موقعي تي احتجاج ۾ شامل عورتن قرآن پاڪ مٿي تي کڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته پوليس صرف دلاسا ڏئي رهي آهي، پر عملي قدم نه کنيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته پوليس جي نااهلي سبب علائقي ۾ ڏوهن ۽ اغوا جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن. احتجاج جي اڳواڻي مختيار ڪلوڙ ڪري رهيو هو، جنهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته: "اسان جو نوجوان وارث ڪلوڙ ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيو، اسان هر در کڙڪايو پر پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي، عوام جو صبر هاڻ جواب ڏئي چڪو آهي، جيڪڏهن پوليس مغوي کي جلد آزاد نه ڪرائي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ان موقعي تي ايس ايڇ او ڪشمور پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، جن بازيابي لاءِ ٻه ڏينهن جي مهلت گهري، جنهن تي مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر مغوي بازياب نه ٿيو ته احتجاج ٻيهر شروع ڪيو ويندو. احتجاج سبب شاهراهه تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، هوڏانهن پوليس ۽ ضلعي انتظاميا پاران مظاهرين سان ڳالهين جو سلسلو جاري رهيو. جڏهن ته شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ڪشمور ۾ اغوا ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن