دادو: ڳوٺ شير محمد سولنگي جون متاثر عورتن جو زيادتين خلاف احتجاج

دادو: ڳوٺ شير محمد سولنگي جون متاثر عورتن جو زيادتين خلاف احتجاج
دادو: لڳ شهيد مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ شير محمد سولنگي جي رهواسين خادم حسين پٽ رٽائر شهيد سپاهي محمد هاشم سولنگي، شفيق، مسرور علي، حبيب الله، منصور علي، مسمات اختر بانو، مسمات حنيفه، شه مير، مسمات ارباب خاتون، مسمات آمنه سولنگي ۽ ٻين معصوم ٻارڙن سان گڏ دادو پريس ڪلب آڏو قرآن پاڪ مٿي تي کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو متاثر ڌر ميڊيا آڏو دانھيندي الزام لڳايو ته سندن زرعي زمين سروي نمبر 158، 160 ۽ 171 تي مخالف ڌر وحيد سولنگي، ممتاز سولنگي ۽ نويد سولنگي سندن زمين تي وهندڙ پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته روڪڻ تي مخالف ڌر هٿيارن سان حملو ڪري مارڪٽ ڪئي۔ ھنن الزام ھنيو ته هاڻي اُلٽو مخالف ڌر پاڻ کي هٿ سان زخمي ڪري، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي، اسان کي هراسان ڪري رهي آهي احتجاج ڪندڙن چيو ته مخالف ڌر جي هتي ڪا به زمين ناهي، باوجود ان جي پوليس اسان جي ڪا به ٻڌي نٿي ڪري ۽ لڳي ٿو ته پوليس مخالف ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي۔ ھنن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر فونن تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ۽ اسان ڏانهن آيل ريلوي جي مهمانن کي به مخالف ڌر خلاف ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي اسان جي بدنامي جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو، ڊي سي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مخالف ڌر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس جو موڙ بند ڪيو ويندو