سنڌ جون خبرونقومي خبرون

دادو: شاگرد ذاڪر جمالي جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، شاگردن ۽ شهرين جو پريس ڪلب آڏو احتجاج، انصاف جو مطالبو

دادو: شاگرد ذاڪر جمالي جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، شاگردن ۽ شهرين جو پريس ڪلب آڏو احتجاج، انصاف جو مطالبو

دادو  جي جيم خانه لڳ ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿي ويل شاگرد ذاڪر جمالي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف شهيد مخدوم بلاول پبلڪ پارڪ کان شاگردن ۽ دادو جي باشعور عوام هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين دادو پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هڻر ويهي رهيا ڌرڻي ۽ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي زبير جمالي، فاروق ٻرڙو، صالح جمالي، عذير جمالي، محمد حسين جمالي، عبدالله جمالي، علي اصغر مغيري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ جيم خانه لڳ رات جو شاگرد ذاڪر جمالي سان موٽر سائيڪل جو ٽڪر ٿيو، جنهن کان پوءِ حملاور هٿياربند ساٿي گهرايا ۽ اڌ ڪلاڪ تائين ذاڪر جمالي تي بي رحماڻي تشدد ڪيو. نازڪ حالت ۾ کيس سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي هو شهيد ٿي ويو. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ايس ايس پي دادو مڪمل طور معذور بڻيل آهي. شهيد ذاڪر جمالي جي امڙ اڄ به گهر جي در تي بيٺي انتظار ڪري رهي آهي ته سندس پٽ واپس ايندو. پر دادو جي انڌي پوليس شهيد جي ڀاءُ، شاگرد بابر جمالي کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڀاءُ شهيد ٿي ويو، ٻيو جيل ۾ قيد آهي، سندن گهر ۾ ماتم جو عالم آهي، جڏهن ته شهيد ذاڪر جمالي جا قاتل اڄ به آزاد گهمي رهيا آهن ۽ پوليس سندن گرفتاري ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ شديد تحريڪ هلائي ويندي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button