دادو: نيشنل بينڪ مين برانچ جي آپريشن مئنيجر ۽ ٻين خلاف پئسا وٺي چيڪ ڪليئر ڪرڻ جا الزام، رٽائرڊ ملازم گلشير سولنگي جو احتجاج، بدلي نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان

دادو: نيشنل بينڪ مين برانچ جي آپريشن مئنيجر ۽ ٻين خلاف پئسا وٺي چيڪ ڪليئر ڪرڻ جا الزام، رٽائرڊ ملازم گلشير سولنگي جو احتجاج، بدلي نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان
دادو نئشنل بئنڪ آف پاڪستان (اين بي پي) مين برانچ دادو جي آپريشن مئنيجر منور آرائين، حفيظ کوکر ۽ پرائيويٽ ملازم نور ملاح خلاف رٽائرڊ ملازم گلشير سولنگي پاران سخت الزام لڳائيندي چيو ويو آهي ته اهي ماڻهو پئسن عيوض چيڪ ڪليئر ڪن ٿا، جڏهن ته جيڪي ماڻهو کين پئسا نه ٿا ڏين، انهن جي چيڪن تي آبجيڪشن هڻي واپس ڪيا وڃن ٿا، جنهن سبب ڪيترائي ملازم ۽ عام ماڻهو پريشان آهن. رٽائرڊ ملازم گلشير سولنگي اين بي پي دادو جي مين برانچ آڏو احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منيجر ۽ عملو ماڻهن کان رشوت وٺي چيڪ ڪليئر ڪري ٿو، جڏهن ته ايماندار ماڻهن کي تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. هن چيو ته اهڙي ناانصافي خلاف اڄ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آهي، جيڪا تڏهن تائين جاري رهندي، جيستائين ملوث عملدارن جي بدلي نه ڪئي ويندي. گلشير سولنگي اسٽيٽ بئنڪ ۽ اين بي پي جي اعلى عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري ملوث عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي انصاف ملي سگهي