ڪنڌڪوٽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آن نيوٽريشن جي اهم اجلاس

ڪنڌڪوٽ
ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آن نيوٽريشن جي اهم اجلاس ، سرڪاري، نجي اداران ۽ اين جي اوز کي گڏجي نيوٽريشن تي ڪم ڪرڻ تي زور.
پي پي ايڇ آئي ڪشمور ضلعي اندر پنهنجو ڪم بهتر نموني نٿي سر انجام ڏئي جنهن کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آن نيوٽريشن پروگرام جي هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ادارا ۽ اين جي او گڏجي ڪم ڪن ۽ ان جي ڄاڻ عوام تائين پهچائي وڃي ۽ فراهم ڪيل ڊيٽا جي درستگي ۽ شفافيت تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.
ڊاڪٽر وويڪ، مس ثمينا الطاف، پاران ڊي سي سي اين جي ڪردار کي اجاگر ڪندي مانيٽرنگ ۽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني . گڏجاڻيءَ دوران غير سرڪاري ۽ بين الاقوامي تنظيمن جي نمائندن کي درخواست ڪئي وئي ته اهي ضلعن ۾ آگاهي مهم پڻ هلائڻ ۾ تعاون ڪن ۽ عملدرآمد ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر خاص هدايتون ڏنيون ته هر کاتو هر مهيني جي رپورٽ ڏني وڃي ته جيئن خبر پوي ته ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي نه آهي. فراهم ڪيل ڊيٽا تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، نيوٽريشن پروگرام ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پرفامنس کي بهتر ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر پي پي ايڇ آئي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
گڏجاڻي ۾ مختلف ادارن صحت کاتو، تعليم، پي پي ايڇ آئي، اين جي اوز ۽ ٻين ادارن جي اعلي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.