سنڌ جون خبرونعالمي

ٽرمپ ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ ڪراچي ۾ڪيس ڇو ڪجي؟ عدالت

ڪراچي ڪراچي ڏکڻ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت  آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ خلاف ايران تي حملي جو  ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي اڄ دليل طلبي ورتا، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ٽرمپ خلاف ڊاڪس ٿاڻي تي ڪيس ڪيئن داخل ٿي سگهي ٿو؟ هتي ڪهڙو ڏوهه ٿيو آهي جنهنجو اوهان ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي وڪيل چيو ته 21 جون تي جيڪو ڪجهه ٿيو، انهي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، جنهن  تي عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ ڪهڙو ڏوهه ٿيو آهي؟ ٻيو ته توهان پاڻ ڪيئن متاثر ٿيا آهيو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته ڊاڪس ڪراچي جو ٻيو وڏو ٿاڻو آهي، آمريڪي قونصيلٽ به انهي ٿاڻي جي حد ۾ آهي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته هتي ڏوهه ڪهڙو ٿيو آهي؟ ان جا اثر ڪٿي ٿيا آهن؟ ڪيس اتي ئي داخل ٿي سگهي ٿو، وڪيل چيو ته ٽرمپ ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي تي بم وساياآهن، سموري ملڪ سميت ڊاڪس ٿاڻي جي حدن ۾ اثر ٿيا آهن، سمنڊ ۾  پاڻي جي سطح 20 فوٽ بلند هئڻ ڪري جهاز نه آيو، اسان پنهنجو 154 وارو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو آهي، عدالت چيو ته آمريڪا پاران ايران تي بمباري پاڪستان جي حد کان ٻاهر ٿي آهي، ڇا دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو،  انهي جو ڪيس هتي ( پاڪستان ) داخل ڪيو ويندو؟ سرڪاري وڪيل پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان ڪهڙي سيڪشن ( قلم ) هيٺ ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيو ٿا، جنهن تي وڪيل چيو ته دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي، عدالت چيو ته ويانا ڪنويشن تحت ملڪي سربراهه (هيڊ آف اسٽيٽ) کي ڇوٽ حاصل آهي, اهڙيون درخواستون ڏئي پاڪستاني عدالتن جو مذاق ٿا ڪرايو, عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button