Businessسنڌ جون خبرونقومي خبرون

بجيٽ جا اثر شروع: سگريٽ، ڪپڙا، بوٽ، ميڪ اپ، موٽرسائيڪل، موبائل فون مهانگا: 100 ارب ٽيڪس

اسلام آباد بجيٽ جا اثر اچڻ شروع ٿي ويا. هزارين شين جي درآمد تي 100 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس لڳايو ويو، لنڊي جي ڪپڙن ۽ بوٽن جي درآمد تي 10 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو، غير ملڪي فلمن ۽ ڊرامن جي درآمد تي في منٽ 3000 رپيا ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي. نقلي زيورن (آرٽيفيشل جيولري) جي درآمد تي 32 سيڪڙو، ڪاسميٽڪس، پرفيومز، آفٽر شيو، پري شيونگ ۽ ٻين شين تي 40 سيڪڙو، موٽر سائيڪل ۽ رڪشي جي درآمد تي 10 سيڪڙو، موبائيل فونز جي درآمد تي في سيٽ 22000 رپيا، پان جي پنن جي درآمد تي في ڪلو 400 رپيا ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي. اهڙي طرح اسٽيمڊ تمباڪو جي درآمد تي 40 سيڪڙو، سگريٽ، سگار، تمباڪو يا تمباڪو جي متبادل شين تي 20 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي عائد ڪئي وئي آهي. 100 کان وڌيڪ شين تي ريگوليٽري ڊيوٽي 30 سيڪڙو مان وڌائي 36 سيڪڙو ڪئي وئي، 2419 شين تي درآمدي ڊيوٽي 20 سيڪڙو مان وڌائي 24 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. 96 شين تي ريگوليٽري ڊيوٽي 15 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪئي وئي، 5 کان 10 سال پراڻن ڪنبائنڊ هارويسٽر تي 10 سيڪڙو درآمدي ڊيوٽي، 10 سال کان وڌيڪ پراڻن هارويسٽر تي 20 سيڪڙو، 688 لگزري شين تي درآمدي ڊيوٽي ۾ 5 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي. ايف بي آر سمورا ايس آر اوز جاري ڪري ڇڏيا، جيڪي جلد لاڳو ٿيندا.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button