سنڌ جون خبرونقومي خبرون

نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ علي آباد ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏ يڻ لاءِ تعزيي جو جلوس برآمد

نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ علي آباد ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏ يڻ لاءِ تعزيي جو جلوس برآمد،شرڪت ڪندڙن امام حسين عليه السلام جي لازوال قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو

نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ علي آباد ۾ ھر سال جيان ھن سال به 10 محرم الحرام جي روز عاشور تي سيد الشهداء امام حسين عليه السلام ۽ سندس وفادار ساٿين جي عظيم قربانين جي ياد ۾ مذهبي جذبي ۽ عقيدت سان ڀرپور تعزيي جو جلوس ڪڍيو ويو. جلوس جي شروعات ڳوٺ زوار خدا بخش کوکر، امام بارگاهه "قصر العباس” مان ٿي، جيڪو مقرر ٿيل روايتي روٽ تي ڳوٺ ڊاڪٽر ذوالفقار کوکر، محمد مٺل وڳڻ، بهادر خاصخيلي، ڪلرو، ڌڻي بخش وڳڻ مان گذريو ۽ آخر ۾ امام بارگاهه "قصر بتول” تي نحر ٿي پورو ٿيو.

جلوس دوران علامتي طور تي ضرعي امام حسين عليه السلام، ذوالجناح (امام جو وفادار گھوڙو)، غازي عباس علمدار جو علم، ۽ شھيد ٻار علي اصغر جو ننڍڙو جھولو به برآمد ڪيو ويو، جيڪو شرڪت ڪندڙن جي جذباتي وابستگي ۽ عقيدت جو ثبوت هو.

جلوس ۾ مرد، عورتون، ٻار، نوجوان، ۽ بزرگ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته امام حسين عليه السلام فقط هڪ جنگ نه وڙهي، بلڪه هو ظلم، جبر، ۽ بي انصافي خلاف هڪ نظرياتي تحريڪ جو امام هو، جنهن پنهنجي جان، اهلِ بيت، ۽ ساٿين جي جانين جي قرباني ڏئي انسانيت کي عزت، سچائي، ۽ حق جي راهه ڏيکاري.

شرڪاء وڌيڪ چيو ته امام حسين عليه السلام جي ڪربلا واري قرباني انسانيت جي تاريخ جو روشن ترين باب آهي، جنهن دنيا جي هر حق پرست کي ظلم خلاف بيهڻ جو حوصلو ڏنو. امام جي نالي کي صدين تائين ياد رکيو ويندو ۽ عاشورا فقط شيعن جو نه، بلڪه سموري مسلمان قوم لاءِ اتحاد، اخلاص، ۽ حق جي علامت آهي.

مقامي منتظمين پاران مناسب سيڪيورٽي جا انتظام، پاڻي، نياز، ۽ طبي امداد لاءِ اسٽالن جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو، جنهن ڪري جلوس پرامن طريقي سان اختتام پذير ٿيو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button