سنڌ جون خبرونقومي خبرون

بلاول سان محبت ڪريان ٿو، اسان جو رت ساڳيو آهي: جونيئر

ڪراچي: پ پ  جي باني چيئرمين شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر لياري پهچي عمارت ڊهڻ واري هنڌ تي سبيل جي ڪيمپ لڳائي، هن پاڻ متاثرن ۽ ريسڪيو اهلڪارن کي شربت پياري، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر متاثرن ۽ ريسڪيو اهلڪارن کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. متاثرن روئيندي چيو ته اسان جا پيارا ملبي هيٺان آهن، جيترو جلد ٿي سگهي، انهن کي ڪڍيو وڃي، متاثرن کيس ٻڌايو ته حڪومت ڪا به متبادل جڳهه فراهم ناهي ڪئي. هنن ٻڌايو ته اسان کي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪي به نوٽيس جاري نه ڪيا هئا. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر کين آٿت ڏيندي چيو ته آئون توهان سان گڏ آهيان، اوهان سان وڏي ناانصافي ٿي آهي، حڪومت کي چوندس ته متاثرن جي مدد ڪري. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته متاثر آپريشن مان مطمئن ناهن ته آئون به مطمئن ناهيان، آپريشن جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي، ريسڪيو اهلڪار محنت ڪن پيا پر نيٽ ورڪ بند هجڻ ڪري انهن کي ڏکيائي ٿي رهي آهي، هن چيو ته حڪومت لياري وارن کي نظرانداز ڪيو آهي، هتي مافيائون آهن، متاثرن کان ڇت کسجي وئي، انهن جا ماڻهو فوت ٿيا، حڪومت سندن مدد ڪري. هن چيو ته سنڌ حڪومت مون سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، مطالبا ڪنهن کان ڪريون؟ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان منهنجو رابطو ناهي، اسان جو رت ساڳيو آهي، آئون ان سان محبت ڪندو آهيان. هن مسڪرائيندي صحافين کي چيو ته بلاول ڀٽو جو نمبر به مون وٽ ناهي، جيڪڏهن اوهان وٽ نمبر آهي ته مون کي ڏيو، آئون رابطو ڪريان ٿو. هن چيو ته طاقت انهن وٽ آهي، جن وٽ عهدا آهن، اهي جيڪڏهن منهنجي ڳالهه ٻڌن ٿا ته متاثرن جي مدد ڪن.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button