ڪراچي: ڊٺل عمارت مان وڌيڪ 10لاش هٿ: انگ 22 ٿي ويو: 10 اڃا دٻيل: ٻارن جا رانديڪا ملڻ تي ماحول سوڳوار

ڪراچي جي قديم لياري ۾ ڊٺل عمارت جي ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري. وڌيڪ 10 لاش مليا: انگ 22 ٿي ويو، ملبي ۾ 10 کان 12 ماڻهو دٻيل هجڻ جو خدشو، ان ڏس ۾ سنڌ ريسڪيو اينڊ ايمرجنسي سروسز 1122، ڪي ايم سي، ٽي ايم سي صدر جي عملي، ايڌي ۽ ڇيپا رضاڪارن طرفان هلندڙ ريسڪيو آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، هيوي مشنري سان ملبو هٽايو پي ويو، ڪالهه آپريشن دوران وڌيڪ 10 لاش ڪڍيا ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 22 ٿي ويو. ريسڪيو اختيارين موجب ملبي هيٺان اڃا به ماڻهو دٻيل آهن، آواز ٻڌڻ واري ڊوائيس ۽ لائيف لوڪيٽرز جي مدد سان سرچ ڪيو پيو وڃي، پر ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن مان ڪنهن جو به آواز يا دل جي ڌڙڪڻ جا سگنلز نه پيا ملن، اختيارين جو چوڻ آهي ته ملبي ويجهو ماڻهن جو هجوم آهي، گوڙ سبب ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. ريسڪيو اختيارين موجب هيوي مشنري سان ملبو هٽايو پيو وڃي، جتي جتي ماڻهن جي موجودگي جي نشاندهي ٿيندي آهي، اتي مشينن بدران مينيوئل طريقي سان ملبو هٽايون پيا، جن 10 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، انهن ۾ عورتون به شامل آهن، اختيارين موجب آپريشن مڪمل ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت لڳندو. ٻئي طرف ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جا وارث انهي انتظار ۾ ويٺل آهن ته سندن پيارا زنده ملبي مان نڪرن، هڪ عورت ٻڌايو ته اسان جا 5 ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل آهن، اسان جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، بس دعا پياڪريون ته اهي زندهه ملن. هاڻي دعائن جي ضرورت آهي، هوڏانهن ملبي جي کوٽائي مان ٻارن جا رانديڪا ۽ گهريلو استعمال جون شيون ملڻ تي ريسڪيو عملي توڙي متاثرن جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا.