
دبئي / لاهور (م ڊ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڀارت جي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه اچڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، پي سي بي طرفان حڪومت سان رابطو ڪيو ويو ۽ ڀارت جي نه اچڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان ڀارت جي چيمپيئنز ٽرافي ۾ اچڻ کان انڪار تي سخت فيصلو وٺڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، حڪومت غور ڪري رهي آهي ته جيڪڏهن ڀارت چيمپيئنز ٽرافي لاءِ نه ايندو ته پاڪستان به مستقبل ڀارت خلاف ڪا ميچ نه کيڏندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت غور ڪري رهي آهي ته جيستائين ڀارت سان لاڳاپا بهتر نه ٿيندا تيستائين ڀارت سان ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ ميچ نه کيڏي ويندي. ذريعن موجب، حڪومت جو موقف آهي ته پاڪستان هميشه پنهنجي ٽيم ڀارت موڪلي سٺو تاثر ڏنو پر بي سي سي آءِ سدائين راند ۾ سياست کي شامل ڪندو رهيو آهي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي تان هٿ نه کڻندو، ڀارت نه ايندو ته خطرناڪ حد تائين وينداسين، اسٽيڊيم ٺهي رهيا آهن سيڪيورٽي سٺي آهي ڀارت وٽ پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو جوڳو جواز ناهي. ذريعن موجب، جيڪڏهن ڀارت نه آيو ته اسان کي نقصان ٿيندو، پر جيڪڏهن اسان ڀارت خلاف ميچ نه کيڏنداسين ته نقصان انهن جو به ٿيندو، پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان ڪو به ماڊل قبول نه ڪندو
چيمپيئنز ٽرافي رولڙي جو شڪار: شيڊول تي ڊيڊلاڪ، اعلان ملتوي
لاهور: آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي شيڊيول تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي جنهن سبب شيڊيول جو اعلان رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب، شيڊيول وارو معاملو حل نه سگهيو جنهن سبب آءِ سي سي اڄ يارنهن نومبر تي رٿيل ايونٽ رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت جي ميچن بابت فيصلو نه ٿيڻ سبب ايونٽ ختم ڪيو ويو، آءِ سي سي کي 11 نومبر تي لاهور ۾ باضابطا طور ٽورنامينٽ جي شيڊيول جو اعلان ڪرڻو هو. لاڳاپيل اختيارين جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول اڃا تائين ڪنفرم ناهي ٿيو، شيڊيول بابت ميزبان ۽ ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن جي بورڊز سان مشاورت جاري آهي. ميڊيا رپورٽس موجب، آءِ سي سي طرفان مشاورتي عمل بابت اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو
پاڪستان راندين جي هر فورم تي ڀارت کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
اسلام آباد (م ڊ) چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ کان انڪار تي پاڪستان راندين جي هر فورم تي ڀارت کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب، پاڪستان طرفان ڀارت جي اولمپڪس بڊ جي به مخالفت ڪئي ويندي، ڀارت 2036 ۾ اولمپڪس جي ميزباني جو خواهشمند آهي. حڪومت ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان راندين ۾ ڀارتي رويي تي آءِ او سي کي خط لکڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪيئي ڀيرا راندين ۾ سياست کي ملوث ڪيو، چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي حڪومت به سخت موقف اختيار ڪيو آهي
پاڪستان وڃي کيڏڻ ۾ اسان کي ڪو مسئلو ناهي: روهت شرما
نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما چيو آهي ته ٽيم کي پاڪستان ۾ کيڏڻ سان ڪو مسئلو نه آهي فيصلو ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جو ڌيان چيمپئنز ٽرافي تي آهي وڃڻ بابت فيصلا اسان جي هٿ ۾ نه آهن