عالمي

غزه ۾ 60 ڏينهن جنگبندي جي آڇ: معاهدي جي ضروري شرطن تي اتفاق ٿي ويو: ٽرمپ

واشنگٽن / تل ابيب / غزه  اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ غزه ۾ 60 ڏينهن اڳڀرائي ٿي وئي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جنگبندي واري معاهدي کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ ضروري شرطن تي اتفاق ٿي ويو آهي، ٽرمپ سوشل ميڊيا پيغام ۾ واضح ڪيو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ان معاملي تي سخت موقف سان ڳالهائيندس. ٽرمپ جو چوڻ هو ته قطر ۽ مصر امن جي قيام لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي، ٻنهي ملڪن طرفان قطعي تجويزون جلد پيش ڪيون وينديون. هن اميد ظاهر ڪئي ته وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ حماس به ان معاهدي کي قبول ڪندي. ٻئي طرف آمريڪي صدر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل غزه ۾ جنگبندي لاءِ تيار آهي، هوڏانهن ٽرمپ جي آڇ تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ردعمل ڏيندي چيو ته حماس جو مڪمل خاتمو چاهيون ٿا، حماس نه هوندي، غزه ۾ هاڻي ڪو به حماستان نه هوندو. اسرائيلي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان هاڻي ان جي پويان ناهيون لڳي رهيا، ڇاڪاڻ جو حماس ختم ٿي وئي آهي. هوڏانهن فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس چيو آهي ته غزه لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان پيش ڪيل جنگبندي تجويزن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. معاهدي تحت اسرائيل کي غزه مان نڪرڻو پوندو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button