دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

ميرپورخاص  ڊيگان پوليس اسٽيشن جي حد ۾ نوجوان جي قتل تي ايس ايس پي ميرپورخاص ڊاڪٽر سمير نور چنا سخت نوٽيس جاري ڪيو،

ميرپورخاص

ڊيگان پوليس اسٽيشن جي حد ۾ نوجوان جي قتل تي ايس ايس پي

ميرپورخاص ڊاڪٽر سمير نور چنا سخت نوٽيس جاري ڪيو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن

تفصيل موجب، گذريل رات ديگان ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ دلاور شر ديهه 223 ۾ نامعلوم جوابدار محمد حسن شر جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

نوجوان محمد حسن جي قتل جو سخت نوٽيس وٺندي، ايس ايس پي ميرپورخاص ڊاڪٽر سمير نور چنا ڊي ايس پي ڊگري مير آفتاب ٽالپر جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او ديگان ۽ ايس ايڇ او ڪوٽ غلام محمد سان گڏ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن.

شروعاتي رپورٽن موجب قتل جو سبب پراڻي دشمني لڳي ٿي. پوليس هر رخ کان جاچ ڪري رهي آهي. وارثن پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.

وارثن موجب، محمد حسن شر جي قتل ۾ ٽي شڪي ملوث هئا، ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمون جوڙيون ويون آهن، ۽ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button