ڪنڌڪوٽ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ يوم پاڪستان جو شاندار پروگرام منعقد جذبي ۽ حب الوطني جو اظهار

ڪنڌڪوٽ
ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ يوم پاڪستان جو شاندار پروگرام منعقد جذبي ۽ حب الوطني جو اظهار
ڪرمپور 23 مارچ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ يوم پاڪستان جي حوالي سان هڪ پروقار تقريب جو انعقاد ڪيو ويو، تقريب ۾ استادن، ڪيڊٽس، ۽ ڪاليج جي پوري عملي پڻ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ حب الوطني ۽ قومي جذبي جو نمايان اظهار ڪيو ويو.
تقريب جي صدارت ڪاليج جي وائيس پرنسپال سراج الدين جمالي ڪئي. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. تلاوت قرآن کانپوءِ ڪاليج جي شاگردن پرجوش انداز ۾ قومي ترانو پيش ڪيو، جنهن سڄي ماحول کي ولولي سان ڀري ڇڏيو.
ڪيڊٽس مختلف تقريرن جي ذريعي 23 مارچ جي تاريخي اهميت ۽ قرارداد پاڪستان جي مقصد کي اجاگر ڪيو. تقريب جي آخر ۾، وائيس پرنسپال پنهنجي صدارتي تقرير ۾ 23 مارچ جي اهميت تي تفصيلي روشني وڌي ۽ شاگردن کي قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جو اظهار پڻ ڪيو. هن شاگردن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي پوري صلاحيتن سان ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪئي.
ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي وائيس پرنسپال پنهنجي صدارتي تقرير ۾ يوم پاڪستان جي حوالي سان اهڙي شاندار پروگرام جي انعقاد تي ايونٽ انچارج سميت پوري فيڪلٽي جي محنت کي ساراهيو، جن جي محنت ۽ ڪاوشن سان شاگردن ۾ حب الوطني ۽ قومي جذبي جو اظهار ۽ حوصلا افزائي پڻ ٿي، سندس تقريب جي ذريعي انهن کي ملڪ جي تاريخ ۽ ثقافت کان آگاهي پڻ ڏني وئي