سيٺارجا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري شاھد رسول چيمو ۽ تعلقي صدر امير طارق حسين ڪٻر سٽي پريس ڪلب سيٺارجا پھچي پريس ڪانفرنس ڪندين چيو

سيٺارجا
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري شاھد رسول چيمو ۽ تعلقي صدر امير طارق حسين ڪٻر سٽي پريس ڪلب سيٺارجا پھچي پريس ڪانفرنس ڪندين چيو ته اقتداري ڌر جي ميمبرن پنھنجو دماغي توازن وڃائي ويٺي آھي ھنن کي ڪجھ سمجھ ۾ نٿو اچي ته ھو ڪن ڇا؟ پورو سنڌ سنڌو درياء خاطر رمضان مھيني ۾ سراپا احتجاج آھي ته رمضان کان بعد ڇا صورتحال ھوندي عوام ھاڻي سجاڳ ٿي چڪو آھي ۽ سنڌ حڪومت پنھنجي ھوش مان ڪم وٺي سنڌو درياء اسان جو جياپو آھي اسان سنڌين جي زندگين سان نه کيڏيو وڃي اسان ڪنھن به صورت سنڌو درياء تي غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ ڪون ڏينداسين ھنن آخر ۾ پارٽي ميمبرن ۽ سنڌ دوست سڄڻن کي دعوت ڏيندين چيو ته 3 اپريل تي گمبٽ ۽ صوڀوديرو جي سوشل ورڪر صحافين طرفان احتجاجي مظاھرو ڪيو پيو وڃي اوھان سڀني کي شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي