ڪشمور سموري ملڪ جيان ڪشمور ۾ بہ 23 مارچ، يومِ پاڪستان، پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان جوش ۽ خروش سان ملهايو ويو۔

ڪشمور
سموري ملڪ جيان ڪشمور ۾ بہ 23 مارچ، يومِ پاڪستان، پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان جوش ۽ خروش سان ملهايو ويو۔ پارٽي ڪارڪنن پاران انصاف سيڪريٽريٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي۔
خبر موجب:
تحريڪ انصاف پاران يومِ پاڪستان جي موقعي تي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ريلي ڪڍي وئي۔ ريلي انصاف سيڪريٽريٽ کان شروع ٿي ۽ پريس ڪلب تي ختم ٿي، جنهن ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن تحريڪ انصاف جا جهنڊا ۽ قومي پرچم هٿن ۾ کنيا هئا، جڏهن ته ملڪ سان محبت جي نعريبازيءَ سان فضا گونجي اٿي۔ريلي کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ غلام حيدر کوسو، ساجن علي سولنگي، زمان علي ڀٽي، ۽ عطر خان مزاريءَ چيو ته اڄ جو ڏينهن تجديد عهد جو ڏينهن آهي۔ 23 مارچ اسان کي اتحاد، يڪجهتي، ۽ قربانيءَ جو سبق ڏئي ٿو۔ هيءُ اهو ڏينهن هو، جڏهن برصغير جي مسلمانن هڪ الڳ ملڪ جي قيام لاءِ قرارداد منظور ڪئي، جيڪا بعد ۾ پاڪستان جي بنياد بڻي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان جي ترقي، جمهوريت جي بحالي، ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين۔ هنن ڪارڪنن کي يقين ڏياريو ته هو هر مشڪل جي باوجود پنهنجي اصولن تي قائم رهندا، ريلي دوران ڪارڪنن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو۔ مختلف نعريبازيءَ ۽ ملي نغمن ذريعي قومي ڏينهن جي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو۔ ريلي پرامن طريقي سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي۔