سنڌ جون خبرونقومي خبرون
ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب آڏو پيرسن عورت زينل خاتون پنهنجي نوجوان پٽ جاويد احمد بنگوار سان گڏجي مڙس قمر الدين جي ظلم زيادتيون ۽ ناجائزين خلاف احتجاج ڪندي چيو

ڪنڌ ڪوٽ
ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب آڏو پيرسن عورت زينل خاتون پنهنجي نوجوان پٽ جاويد احمد بنگوار سان گڏجي مڙس قمر الدين جي ظلم زيادتيون ۽ ناجائزين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته مڙس ناحق ڪارنھن جو الزام ھڻي قتل ڪرڻ چاھي ٿو چار سالن کان وٺي پنهنجي ٻچڙن سان رھان ٿي ھاڻي به پنهنجي پٽن سان گڏ زندگي گذارڻ ۽ جئيڻ چاھيان ٿي غريب مسڪين آھيان مجبور ٿي پريس ڪلب پھتي آھيان اوھان جي ذريعي ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ ۽ وس وارن کي اپيل ڪريان ٿي ته مون کي تحفظ ڏئي ٻارن سان رھڻ ۽ جئيڻ جو حق ڏنو وڃي مون کي يا منهنجي پٽن کي ڪو به نقصان پھتو ته ھن جو ذميوار منهنجي مڙس قمرالدين بنگوار ۽ ساٿي ھوندا