ٺٽو عيد جي ڏينهن ۾ ٺٽو ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

ٺٽو
عيد جي ڏينهن ۾ ٺٽو ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
تفصيل موجب ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ حادثن ۾ عورتن ۽ نوجوانن سميت ڇھ ڄڻا فوت ٿي ويا. گجو ويجهو موٽرسائيڪل سوار کي نامعلوم گاڏي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ گل منڊا واسڻ عورت زينب گابار فوت ٿي وئي جڏهن ته سليم گابار سخت زخمي ٿي پيو. اھڙي ريت گھارو ڀرسان قائم پيراڊائيز واٽر پارڪ ۾ نوجوان باسط ولد محمد اسلم سلائيڊنگ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جي سچل ڳوٺ جي بلاول ڳوٺ جي رهواسي طور سڃاڻپ ٿي جيڪو پنهنجي دوستن سان گڏ واٽر پارڪ تفريح لاءِ ويو ويجهو گجو وٽ ڪي ڊي اي نالي ۾ ڪراچي ملير کان سير و تفريح لاءِ آيل نوجوان اعظم نيازي جي لاش کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو پهچايو ويو ھڪ ٻيو نوجوان سعود شيخ ولد جمال پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو جنھن جي لاش جي ڳولا جاري آھي. جڏهن ته آچار ملاح ڳوٺ جو رهائشي علي حسن ملاح درياء سنڌ ۾ ٻڏي ويو جنهن جي لاش جي ڳولا مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڪئي پئي وڃي آهي.ساڳئي وقت ڇتو چنڊ ويجهو سجاول واسڻ هڪ اڻڄاتل عورت گاڏي جي ٽڪر سبب فوت ٿي وئي. گجو ويجهو تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ منگهوپير ڪراچي جو رهواسي وهاب برفت ڪري پيو. محسن هائوس جي انچارج شاهنواز لوھار ۽ سندس ساٿي ڏاڏا ڪنڀار انساني همدردي تحت زخمي کي پنهنجي گاڏي ۾ سول اسپتال مڪلي پهچايو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. پوليس ضروري طبي ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.ان کانسواءِ ڇتو چند، مڪلي. ٺٽو ۽ ٻين علائقن ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۽ سلپ ٿيڻ جي ڪري 20نوجوان زخمي ٿي پيا جن مان 4 ڄڻن کي نازڪ حالت۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.