قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ ۾ ڳوٺ ٿرڙي هاشم جي رهواسڻ عورت رابيعه شيخ پنهجي مڙس يونس جتوئي خلاف وڳڻ مين چوڪ تي قرآن پاڪ کڻي ٻارن سميت مڙس جي مبينا زيادتن ۽ مارڪٽ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،

قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ ۾ ڳوٺ ٿرڙي هاشم جي رهواسڻ عورت رابيعه شيخ پنهجي مڙس يونس جتوئي خلاف وڳڻ مين چوڪ تي قرآن پاڪ کڻي ٻارن سميت مڙس جي مبينا زيادتن ۽ مارڪٽ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،
تفصيل موجب وڳڻ لڳ ڳوٺ ٿرڙي هاشم جي رهواسڻ رابيعه زال يونس جتوئي مڙس جي ناجائزين مبينا مارڪٽ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ، مڙس جي ظلمن جي متاثر عورت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترا ڀيرا ڳوٺ جي چڳن کي دانهن ڏني آهي پر منهجو مڙس ڪنهن جي به چوڻ ۾ نٿو اچي گهرجو خرچ به نٿو ڏي نه وري منهنجو ۽ منهنجي ٻارن جو خيال رکي ٿو مان مجبور ٿي وڳڻ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ، جڏھن تہ ٿاڻي تي اهڙي شڪايت ڪرڻ تي هو ڏمرجي پيو آهي ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي اعليٰ اختياريون ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ساجد امير سدوزئي ۽ ٻين وس وارن کان تہ نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري تحفظ ڏيارين