ڪشمور واسين پاران عيد سنڌو دريا سان گڏ ملهائي وئي سنڌو دريا مان پنجاب جي علائقي چولستان جي بنجر زمينن کي آباد ڪرڻ لاء ڪئنال ڪڍڻ خلاف سولنگي اتحاد ڪشمور پاران ريلي ڪڌي وئي

ڪشمور
ڪشمور واسين پاران عيد سنڌو دريا سان گڏ ملهائي وئي سنڌو دريا مان پنجاب جي علائقي چولستان جي بنجر زمينن کي آباد ڪرڻ لاء ڪئنال ڪڍڻ خلاف سولنگي اتحاد ڪشمور پاران ريلي ڪڌي وئي
تفصيل موجب :-
ريلي سولنگي ھائوس ڪشمور کان ٿيندي گڊو بيئراج پھتي پنجاب سامراج جي خلاف ڪئنالن جي اڏاوت جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي سولنگي اتحاد جي چيئرمين ساجن خان سولنگي مھراب سنڌي عبدالرزاق سولنگي عبدالمالڪ سولنگي شھزادو سولنگي گل حسن سولنگي در محمد سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسين سولنگي برادري پورھيت آھيون اسان جو جيڻ پوک تي آهي جي پاڻي ڪونه ھوندو اسان پوک ڇاتي ڪنداسين اسان پاڻي ڪنهن کي به ڪونه ڏينداسين پاڻي لاء سر سسئي کان ڌار ڀلي ٿي پر پنجاب کي پاڻي ڪونه ڏينداسين نه وري اھي ڪينال ٺاھيڻ ڏينداسين سنڌو دريا سنڌ جي 6 ڪروڙ ماڻھن جي روزي ۽ جياپي جو وسيلو آھي جنھن مان ڪئنال ڪڍي پنجاب جي ريگستان جي لکين ايڪڙ بنجر زمينن کي آباد ڪيو ويندو جنھن جي ڪري سنڌ جون 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ آباد ۽ زرخيز زمينون تباھ ٿي وينديون جنھن جي ڪري ڪروڙين ماڻهو سخت متاثر ۽ بيروزگار ٿي ويندا جيڪا سنڌ حڪومت اسان سان دوکو ڪري ٿي اھيو اسان کي ڪڏهن به منظور ناھي سنڌ سان تاريخ جو بدترين ظلم ۽ سنڌي قوم جي خلاف معاشي دھشت گردي آھي ھنن چيو ته وفاقي حڪومت ڪئنالن جي اڏاوت واري منصوبي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري سنڌي قوم مان بي چيني کي ختم ڪئي وڃي اسان کي مجبور نه ڪيو جو اسين پنجاب ويندڙ سمورا روڊ رستا بند ڪيون