Businessقومي خبرون

يوٽيلٽي اسٽور 10 جولاءِ کان مڪمل بند ڪرڻ جو فيصلو: ملازمن لاءِ پيڪيج جي هدايت

اسلام آباد وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز کي 10 جولاءِ کان مڪمل طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن کي اداري جي بندش تي وي ايس ايس پيڪيج جي فراهمي جي هدايت ڪري ڇڏي. دستاويزن موجب وزيراعظم سڀني ملازمن کي رضاڪارانه طور اداري مان ڌار ٿيڻ لاءِ پيڪيج مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايم ڊي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سڀ فعال يوٽيلٽي اسٽورز  ملڪ اندر ۾ پنهنجا آپريشنز بند ڪرڻ شروع ڪندا، اسٽورز تي موجود سامان ويئر هائوسن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، ويئر هائوسز مان سامان اختيارين جي نگراني هيٺ دڪاندارن کي واپس ڏنو ويندو. فيصلو ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي سڀني يوٽيلٽي اسٽورز ۽ ٻين آفيسن ۾ موجود آءِ ٽي سامان به واپس ورتو ويندو، جڏهن ته ريڪ ۽ ٻيو سامان شفاف طريقيڪار ذريعي نيلام ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته ڪرائي تي هلندڙ اسٽورن کي پهرين آگسٽ کان خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويندا ۽ يوٽيلٽي اسٽورز جي اثاثن جو جائزو وٺڻ لاءِ جنرل مينيجرز آءِ ٽي ذريعي ڪاٿو لڳايو ويندو. ياد رهي ته مارچ 2025 ۾ حڪومت خساري جو شڪار 1700 يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ ۽ ڪنٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن وقت يوٽيلٽي اسٽورز جا 5000 مستقل ملازم آهن، جن کي سرپلس پول ڏانهن اماڻيو ويندو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button