بينڪ اسٽيٽمينٽ يا مالي ڏيتي ليتي کي آمدني جو ثبوت نٿو سمجهي سگهجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٽيڪس متعلق اهم فيصلي ۾ چيو آهي ته بينڪ اسٽيٽمينٽ يا مالي ڏيتي ليتي کي آمدني جو ثبوت نٿو سمجهي سگهجي. عدالت ايف بي آر طرفان اسلام آباد جي رهائشي اسڪيم خداداد هائٽس خلاف ٻيهر ٽيڪس جي تشخيص جي ڪارروائي کي غيرقانوني قرار ڏيندي شهري کي رعايت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس يحييٰ خان آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ ايف بي آر جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي هئي، جنهن جو ڇهن صفحن تي مشتمل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو آهي۔ ڪيس جي ٻڌڻي 27 فيبروري 2025 تي ٿي هئي۔ جسٽس شفيع صديقي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته صرف رقم جي منتقلي کي آمدني جو ثبوت نٿو سمجهي سگهجي۔ مالي ڏيتي ليتي جو رڪارڊ پاڻمرادو آمدني نه ٿو ٿئي۔ واضح ۽ قابل اعتماد ثبوتن کان سواءِ ٽيڪس نوٽيس جاري ڪرڻ قانوني طور تي جائز ناهي۔ فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صرف شڪ يا اندازي جي بنياد تي ٽيڪس جي جاچ نٿي ڪري سگهجي۔ اڪائونٽ ۾ موجود رقم کي بنا جاچ جي ڳجهي آمدني قرار ڏيڻ غيرقانوني آهي۔ صرف بينڪ اسٽيٽمينٽ جي بنياد تي ٽيڪس ڪارروائي ڪرڻ قانوني طور تي صحيح ناهي۔ آمدني ثابت ڪرڻ لاءِ مخصوص، مضبوط ۽ سڌي معلومات ضروري آهي۔ هر ڪارروائي شفاف ۽ قابل اعتبار ثبوتن تي ٻڌل هجڻ گهرجي۔ سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ايف بي آر جي موقف کي رد ڪندي چيو ته ٽيڪس قانون جو غلط استعمال ناقابل قبول آهي، ۽ ٽيڪس اختيارين کي گهرجي ته هر اطلاعن جي گهڻ رخي جاچ ڪئي وڃي. ڪيس جي تفصيلن مطابق ايف بي آر اسلام آباد جي رهائشي منصوبي خداداد هائٽس خلاف ڪارروائي ڪندي بينڪ اسٽيٽمينٽ کي آمدني قرار ڏنو ۽ انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 تحت ٻيهر ٽيڪس تشخيص جي ڪارروائي شروع ڪئي۔ ان قدم خلاف ٽيڪس ڏيندڙ شهري سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو. سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توثيق ڪندي ڪمشنر ان لينڊ ريونيو جي اپيل خارج ڪري ڇڏي۔