دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌ ڪوٽ امن امان جي خراب صورت حال جي حوالي سان امن جي بحالي لاء تحريڪ ھلائيندڙ شھري اتحاد

ڪنڌ ڪوٽ امن امان جي خراب صورت حال جي حوالي سان امن جي بحالي لاء تحريڪ ھلائيندڙ شھري اتحاد ـ ال پارٽي موومينٽ سوشل سوسائٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر ميھر چند ـ حافظ نصر الله چنا ـ پير آف ڀرچونڊي شريف ڪشمور جي گادي نشين ميان عبدالحفيظ ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ ڪافي عرصي کان وٺي بدامني عروج تي آهي ڀتاخوري ـ ڦرلٽ سبب شريف ڪاروباري طبقو مجبور ٿي لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن ڏوھاري طاقتور ٿي روڊن رستن تي ڪانواء لڳائي ڦرلٽ ڪن ٿا ڦرلٽ سبب عوام ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي اسين مسلسل احتجاج ڪيا سنڌ جي مختلف شھرن ڪراچي ـ سکر ـ لاڙڪاڻو ۾ به احتجاج ڪيو پر سنڌ پوليس سنڌ حڪومت احتجاجن جو آواز ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ضلعي جي باشعور عوام ملڪ جي راڄداڻي اسلام آباد جو رخ ڪيو اسلام آباد ۾ 144 قانون لاڳو ھيو پر باھمت عوام ڀرپور احتجاج ڪيو جنهن ڪري وزيراعظم پاڪستان نوٽيس ورتو وفاقي سرڪار رابطو ڪري ملاقات لاء وفد گھرايو جنهن ۾ چار رڪني وفد ملاقات ڪري ضلعي جي عوام جي درد ـ دانھن ـ تڪليف حڪمران آڏو رکي علائقي جي چونڊيل عوامي نمائيندن ايم اين ايز علي جان خان مزاري ـ مير شبير علي خان بجاراڻي ـ شيريار خان مھر به امن امان بابت اسان جي موقف جي حمايت ڪئي وفاقي وزير چيو ته 28 ترميم سبب ڪجھ معاملا صوبن ڏي آهن ڪشنور ڪنڌ ڪوٽ جي امن لاء صدر پاڪستان آصف علي زرداري ـ بلاول ڀٽو زرداري ـ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سان ڳالھائي ڪجھ نه ڪجھ ڪيو ويندو ـ اسين ضلعي ۾ بدامني سبب آواز ايوانن ۽ حڪمرانن تائين پھچايو آهي ھاڻي به اسين پريس ڪانفرنس ذريعي وفاقي سرڪار کي ڪيل واعدو ياد ڏياريون ٿا ته امن امان لاء ڏوھارين خلاف آپريشن ڪري امن بحال ڪري ڏيو تنگواڻي جي معزز شير خان کوسي جي پٽ ڊاڪٽر کان ڦر ٿيل گاڏي سميت شھرين کان ڦرلٽ ٿيل سامان واپس نه ٿيڻ تي اڄ خميس جي ڏينهن ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو لڳايو ويندو انھي دوران غلام مصطفي ميراڻي ـ مولوي يار محمد سھرياڻي ـ عزيز سومرو ـ غلام رسول ملڪ ـ عبيد الله ميرالي سميت ٻيا به موجود ھيا .

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button