چوهڙ جمالي ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو، نوجوان مارجي ويو، 3 ڄڻا زخمي

چوهڙ جمالي چوھڙجمالي لڳ معمولي ڳالهه تان جھيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان قتل ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شاهبندر جي ساحلي پٽيءَ جي ڪوڏاريو شريف واري علائقي ۾ ملاح ۽ منڌرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ جمعون ملاح جو رهواسي 25 سالا نوجوان رمضان پٽ محمد ملاح پسٽل جون گوليون لڳڻ سبب موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته رمضان پٽ هاشم ملاح آصف ملاح ۽ غلام قادر ملاح سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جونگو جلباڻي پوليس موقعي تي پهچي مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندو، جتان مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سجاول نيو ويو، جتي ضروري ڪاروائي بعد مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي ٺٽو ريفر ڪيو ويو هوڏانهن منڌرا برادري جي ماڻھن جي زخمي هئڻ جا پڻ اطلاع مليا آھن، ٻئي طرف جونگو جلباڻي پوليس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،پر رابطو نه ٿي سگھيو ھو،خبر فائل ٿيڻ تائين چيو پئي ويو ته جوابدارن جي ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ھئي،