سنڌ جون خبرونشوبزقومي خبرون
لاهوري ماڊل حميرا مان زهريلي يا نشي آور شيءَ جون شاهديون ناهن مليون: ڪيميڪل رپورٽ

ڪراچي ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس جي اتحاد ڪمرشل ۾ فليٽ اندر پراسرار نموني فوت ٿيل لاهوري ماڊل ۽ اداڪاره حميرا اصغر جي ڪيميڪل رپورٽ اچي وئي، رپورٽ موجب اداڪاره جي جسم مان ورتل نمونن مان ڪنهن به قسم جي زهريلي يا نشي آور شيءَ جون شاهديون ناهن مليون، رپورٽ موجب حميرا اصغر جي وارن، جگر ۽ ڦڦڙن مان 9 نمونا وٺي ليبارٽري کي اماڻيا ويا هئا. پوليس موجب ڪيميڪل رپورٽ مختلف جاچ ڪندڙ ادارن کي اماڻي وئي آهي، اداڪاره جي فليٽ مان به مختلف شيون تحويل ۾ ورتيون ويون هيون. ڪيميڪل رپورٽ اچڻ بعد ميڊيڪو ليگل آفيسر اداڪارا جي موت جا ڪارڻ ٻڌائيندو، ميڊيڪو ليگل آفيسر ڪيميڪل رپورٽ اچڻ تائين ڪاز آف ڊيٿ کي رزور رکيو هو. پوليس موجب واقعي جي ٻين رخن کان به جاچ جاري آهي.