دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

نوابشاهه ۾ 6 ڄڻن جي قتل جا 5 جوابدار گرفتار، 13 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، ڇاپا

نوابشاهه نوابشاهه ۾ ڀنگوار برادري جي قتل ٿيل 6 ڄڻن وارو معاملو، نوابشاهه ۾ ڀنگوار برادريءَ جي ڇھن ڄڻن جي قتل جي ايف آءِ آر بي سيڪشن ٿاڻي تي دھشتگردي جي قلمن هيٺ داخل ڪئي وئي آھي، قتل ٿيل ٽن ڀائرن جي پوڙھي امڙ شھزادي عرف صاحبزادي جي مديت 13 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اسلم، اسماعيل، ڌڻي بخش، ثاقب، علي حيدر، سونو، محمد خان، حيات، ياسين، مولا بخش، اعظم، ميرل ۽ غلام حيدر ڀنگوار کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس 5 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، هوڏانهن ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد پرويز احمد چانڊيو  ۽ ايس ايس پي شبير احمد سيٺار ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس متاثر خاندان سان گڏ آھي، اسان مختلف ٽيمون تشڪيل ڏنيون آھن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ جوابدارن خلاف مظبوط ڪيس بڻائي انھن کي انشاءَ الله ڦاسيءَ جي ڦندي تائين پهچائينداسين، هنن چيو ته جوابدار ڪٿي به لڪل ڇو نه ھجن، انھن کي ھٿ ڪري سک جو ساھ کڻنداسين، هنن چيو ته اسان جا ڇاپا جاري آھن، سانگھڙ ۾ ڇاپا ھڻي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ م ڇاپا ھڻي ٻن ڄڻن کي حراست ۾ورتو ويو آھي، ڪراچي مان مک جوابدار اعظم ڀنگوار کي به گرفتار ڪيو آھي، اعظم ڀنگوار جنھن جي نالي متاثرن جو چوڻ آھي ته سڄو ڏوھ ڪرائڻ جو ماسٽر مائينڊ آھي ۽ مک جوابدار آھي ۽ ان کي پناھ ڏيندڙ کي به گرفتار ڪيو آھي، اھا وڏي ڪاميابي آھي، انشاءَ الله جلد ٻين جوابدارن تائين به پهچنداسين،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button