ٺٽي ۾ ڳوٺ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن پوليس پارٽي کي يرغمال بڻائي ورتو، ڇڪتاڻ، 30 ڄڻن تي ڪيس داخل

ٺٽو ٺٽي ويجھو چارڻ ميمڻ ڳوٺ تي سي آئي پوليس گٽڪو ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي جو جواز ڄاڻائي چڙهائي ڪئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن سي آئي اي پوليس جي انچارج کي يرغمال بڻائي ورتو. اهڙي اطلاع تي وڏي انگ ۾ پوليس اٽالن چارڻ ميمڻ ڳوٺ پهچي ٻن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ڳوٺ جي ڄاتل ۽ اڻڄاتل سميت 30 کان مٿي ڳوٺاڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ ، دهشتگردي ۽ گٽڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڳوٺاڻن جي گرفتاري ڇاپا هڻن شروع ڪري ڇڏيا آهن. گذريل رات دير سان سي آئي اي پوليس ٺٽو جي انچارج مراد بکراڻي جي اڳواڻي گٽڪي وڪري خلاف بگھاڙ موري ويجھو ڳوٺ چارڻ ميمڻ تي چڙهائي ڪئي. ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس مقبول ميمڻ ۽ ان جي پيءُ ابراهيم ميمڻ عرف بابو ميمڻ کي گرفتار ڪري مقبول ميمڻ، اسد ميمڻ، عثمان ميمڻ، اختر ميمڻ، اجمل ميمڻ، شڪور ميمڻ، اعجاز ميمڻ، ساجد ميمڻ، سبحان ميمڻ، سڪندر ميمڻ، محبوب ميمڻ ، رمضان ميمڻ ۽ صدام ميمڻ کان ساوءِ 16 اڻڄاتل سميت 30 کان مٿي ڳوٺاڻن خلاف ايس ايڇ او مظفر خالدي جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بگھاڙ موري ويجھو ڳوٺ چارڻ ميمڻ ۾ گٽڪي واري گدام تي گٽڪي تيار ڪرڻ واري اطلاع ملڻ تي سي آئي اي ٺٽو ، ٿاڻي ٺٽي ۽ بگھاڙ موري پوليس پوسٽ جي پوليس گڏيل طور تي گٽڪي گدام تي ڪاروائي ڪئي. ڳوٺاڻن فرض جي ادائيگي دوران مداخلت ڪندي سي آئي اي انچارج کي زخمي ڪرڻ سان گڏ پوليس موبائيل کي نقصان رسائڻ سان گڏ پوليس حراست ۾ ورتل ٻنهي جوابدارن کي ڇڏائي ورتو. هوڏانهن ڳوٺ چارڻ ميمڻ جي پوليس متاثر ڳوٺاڻن غلام مصطفيٰ ميمڻ ، نياز ميمڻ ۽ ٻين پڻ پوليس تي الزام هڻندي چيو آهي ته رات دير سان ٺٽو پوليس جي اٽالن سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي بلاجواز گھرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گھر جون الماريون ٽوڙي انهن مان روڪ رقم 5 لک ، زيور ۽ قيمتي سامان کڻڻ سان گڏ ٻن ڳوٺاڻن مقبول ميمڻ ۽ ان جي پيءُ ابراهيم عرف بابو ميمڻ کي گرفتار ڪري کڻي وئي اهي. بلاجواز گھر تي چڙهائي جو نوٽس وٺي جڙتو ڪيس ختم ڪري اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي پوليس پوليس 15 ڏينهن کان راولپنڊي تبليغ تي ويل ڳوٺ چارڻ ميمڻ واسي اجمل پٽ الهبچايو ميمڻ تي به ڊيوٽي اتڪاءَ، دهشتگردي ۽ گٽڪا ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.تبليغ تي ويل اجمل ميمڻ پڻ پنهنجو وڊيون بيان جاري ڪندي چيو آهي ته هو گذريل 15 ڏينهن کان تبليغ تي راولپنڊي نڪتل آهي ۽ هن وقت به هو راولپنڊي جي ڪينٽ واري علائقي ۾ تبليغي جماعت سان گڏ آهي هن چيو ته ٺٽو پوليس بلاجواز مٿس به ڪوڙو ۽ من گھڙت ڊيوٽي اٽڪاءَ ، دهشتگردي ۽ گٽڪا ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو آهي ته مٿس داخل ڪيل جڙتو ڪيس ختم ڪيو وڃي.