اوٻاوڙي ويجهو زمين مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ، 1 ڄڻو مارجي ويو، 7 زخمي

اوٻاوڙو/رائونتي اوٻاوڙو ويجهو زمين مالڪي تان ڪهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻن عورتن سميت ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي، اسپتال ۾ ٻيهر ڌريون آمهون سامهون، جهيڙو، عملي ۽ مريضن ۾ خوف هراس، 12 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل، 3 ڄڻا گرفتار، تفصيل موجب ڳوٺ گجڻ خان چاچڙ ۾ زمين جي مالڪي تان چاچڙ ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو حافظ صادق چاچڙ مارجي ويو، جڏهن ته ٻن عورتن سميت ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مسمات مورزادي چاچڙ، مسمات الله ورائي چاچڙ، افسر علي چاچڙ، نوازعلي چاچڙ، محمد پناهه ڪوش، شاهنواز ڪوش ۽ ميوو ڪوش شامل آهن، ٻنهي ڌرين جي زخمين کي رانوتي پوليس ليٽر ڏئي علاج لاءِ سول اسپتال اوٻاوڙو موڪليو، جتي چاچڙ برادري جا ماڻهو زخمين ۽ متول جو لاش کڻي اسپتال پهتا ته وري ٻيهر سول اسپتال اندر جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب اسپتال عملي ۽ مريضن ۾ خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو، هڪ ڪلاڪ تائين سول اسپتال اندر چڪريون جاري رهيون، پنهنجي اخبار ٽائيم نيوز رپوٽر سان چاچڙ برادري جي ماڻهن پاران بدتميزي ڪئي وئي، پوليس جهيڙي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ پهتي، پوليس ٽن ڄڻن ميوو ڪوش، پناهه ڪوش ۽ شاهنواز ڪوش کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، چاچڙ برادري جي همراهه جي قتل جو ڪيس رانوتي ٿاڻي تي قتل ڪيس سندس چاچي علينواز چاچڙ جي فرياد تي رائونتي ٿاڻي تي 10 سڃاتل ۽ 2 اڻسڃاتلن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ علي محمد، اعجاز، فدا، ارشد، ميوو، پناهه، پهلوان، شاهنواز، صوبو، نثار سميت ڪوش برادري جي ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.