Businessدلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

خيرپور ۾کجين جي مزدوري تي ويندڙ 2 پورهيت ٽرڪ جي ٽڪر ۾ فوت، ھڪ زخمي

خيرپور  خيرپور ۾ کجين جي باغ جي مزدوري لاءِ ويندڙ ٻه موٽر سائيڪل سوار پورهيت ٽرڪ جي ٽڪر ۾ فوت، ھڪ ڄڻو زخمي، خبر موجب خيرپور ۾ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد حسين آباد ڀرسان کجين جي باغ جي ڪٽائيءَ لاءِ ويندڙ ٻه موٽر سائيڪل سوار پورهيت رشيد پٽ صدورو سمنگ ۽ عبدالرشيد پٽ محمد ھاشم سمنگ ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ پورهيت الطاف علي زخمي ٿي پيو، حادثي کانپوءِ فوتين جا لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته خيرپور جي ڳوٺ چنا سمنگ جا رھواسي رشيد ۽ عبدالرشيد پٽ محمد ھاشم سمنگ صبح سوير ڳوٺ کان نڪري کجين جي باغ جي ڪٽائيءَ لاءِ حسين آباد روانا ٿيا ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جو نشانو ٿي ويا، ھڪ ڄڻو الطاف علي زخمي ٿي پيو، ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ سميت فرار ٿي ويو، هوڏانهن فوتين جا لاش سندن گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button