دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون
ٿاڻو بولاخان ۾ گهريلو تڪرار تان حملو، ٻه ڄڻا قتل

ٿاڻوبولاخان ڪوھستان جي علائقي ڪرچات ويجھو ڳوٺ دريا خان ڏڌر ۾ ڏڌر برفت برادري جي ٻن ڌرين ۾ گھريلو تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا. جھيڙي دوران 25 ورھين جو نوجوان نواز علي پٽ مراد علي ڏڌر ۽ گھنور پٽ رسول بخش ڏڌر برفت گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا. فوتين جا لاش ٿاڻوبولاخان تعلقا اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن پر آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو.