دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

ڪوٽ لالو ڀرسان جهيڙو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب زمين ۾ڪم ڪندڙ نوجوان قتل

ڪوٽ لالو ڪوٽ لالو ڀرسان راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب نوجوان قتل، لاش اسپتال منتقل، وارثن جو چوڻ آهي ته مخالفن حملو ڪري زمين ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو، خبر موجب ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خانڻ جي ڀٽ ۾ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 22 سالن جو نوجوان سرتاج ولد غوث بخش راڄپر قتل ٿي ويو، متقول جو لاش پدعيڊن اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان بعد ۾ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن  الزام لڳائندي چيو ته سرتاج راڄپر زمين تي ڪم ڪري رهيو هو ته شاهزيب، رضا محمد راڄپر ۽ ٻين حملو ڪري هن کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڪوٽ لالو پوليس موجب قتل جو ڪارڻ  معلوم نه ٿيو آهي، معاملي ي جاچ هلندڙ آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

ھي بہ ڏسو
Close
Back to top button