سنڌ جون خبرونقومي خبرون

پارس شاهه واقعو: ٻارڙي ڪشف کڻڻ تان سلمان شاهه ۽ امڙ کي ٽيپ

ڪراچي حيدرآباد ۾ قتل ٿيل پارس شاهه جي نياڻي ڪشف فاطمه کي پنهجي والده فرزانه شاھ سان نه ملائڻ وارو معاملو، فرزانه شاهه جي وڪيل لطيف ابراهيم دعويٰ ڪئي آهي ته فيملي ڪورٽ سائوٿ ٻارڙي کي ماءُ سان نه ملائڻ تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت  سلمان شاهه ۽ امير زادي کي 6-6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت آٰءِ جي سنڌ کي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ٻارڙي هٿ ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. لطيف ابراهيم ايڊووڪيٽ موجب پارس شاهه جي قتل بعد سلمان شاهه ۽ اميرزادي سندس ٻارڙي ڪسف کي ڪراچي کڻي ويا هئا، ٻنهي ٻارڙي کي ڪراچي منتقل ڪرڻ بعد گارجين ايڪٽ تحت سوٽ داخل ڪرايو، ٻارڙي جي ماءُ بي خبر هجڻ ڪري عدالت ايڪس پارٽي تحت سلمان ساهه جي حق ۾ فيصلو ڏنو، فرزانه شاه ٻيو سوٽ  داخل ڪرايو هو، اوچتو عدالت کي ٻڌايو ويو ته ٻارڙي کي راولپنڊي منتقل ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪم نه مڃڻ ۽ ٻار جي ڪسٽڊي راولپنڊي منتقل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عدالت سلمان شاهه ۽ سندس ماءُ کي 6-6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button